سونف/وڏف

سونف/وڏف

سونف وڏف

سونف/وڏف: سونف/ وڏف کي انگريزيءَ ۾ Fennel چوندا آهن. سونف جو سائنسي نالو Foeniculum vulgare آهي ۽ هي ٻوٽو Umbellifereae ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. عام طور سونفن جو سُڪو ٻج ذائقي لاءِ پان ۾ ۽ اڪثر هاضمي جي دوائن ۾ ڪتب ايندو آهي. سونف ربيع جو فصل آهي، جنهن کي سرد موسم جي ضرورت پوي ٿي، چيڪي لٽاشي زمين سونفن جي فصل لاءِ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موزون آهي. هن فصل جي پوک ڪلراٺين زمينن تي به ڪري سگهجي ٿي. زرعي ماهرن موجب زمين کي ٻه ڪنر هر ڏئي، ڀتر ڀڃي، اٽڪل 30 کان 40 گاڏيون ڳريل ۽ سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون وجهي، پکيڙي هر جي مدد سان ملائڻ گهرجن، جيڪڏهن زمين هموار نه هجي ته ان کي هموار ڪجي. پنج ڪلوگرام ٻج في ايڪڙ استعمال ڪجن. هيءُ فصل 15 آڪٽوبر کان نومبر جي آخري هفتي تائين پوکي سگهجي ٿو. هي فصل به گهڻو ڪري ڀاڄين سان گڏ ٻنن تي يا باغن ۾ پوکجي ٿو، پر جيئن ته هن فصل جي ٻج جي ضرورت جاڻ ۽ جيري جي ٻج کان وڌيڪ آهي، تنهنڪري هن جي پوک جدا به ٿئي ٿي. تيار ٿيل زمين کي ريج جو پاڻي ڏجي ۽ جڏهن زمين وٽ ۾ اچي ته اڌ ٻوري ڀاڻ جي في ايڪڙ جي حساب سان ڇٽي، ٻه سائيءَ جا هر ڏئي پاٽيو (ترُ) گهمائجي، ٻج ڏيڍ کان ٻن فوٽن جي مفاصلي تي ناڙي ڪجي. جيڪڏهن ٻج گهاٽو پوکجي وڃي ته پوءِ ڀنجهوءَ جي پاڻي ڏيڻ کان اڳ فصل کي ڇڊو ڪجي. فصل کي پهريون پاڻي هڪ مهيني جي اندر پوکيءَ کانپوءِ ڏجي ۽ ٻيا پاڻي ڀيري سان پندرهن کان ويهن ڏينهن جي اندر ڏيڻ گهرجن. جڏهن فصل گل ٻاٽيءَ تي اچي ۽ فصل ڪمزور هجي ته پوءِ ان کي اڌ ٻوري ڀاڻ جي ڏيئي پاڻي ڏجي. گاهه گند جي ٻوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ فصل ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا گـُڏ ڪجي.
سونفن جو فصل مارچ ۽ اپريل جي مهينن ۾ لاباري جي لائق ٿي ويندو آهي. لابارو هڪ ئي وقت نه ڪجي، پر جيئن ڇُڳا پچندا رهن ته انهن کي ڪڍي ٻورين تي رکي ڇانوَ ۾ سُڪائڻ گهرجي ۽ انهن ڇڳن کي اٿلائيندو رهجي ته جيئن ٻج چڱيءَ طرح سُڪي وڃي. وڏف تي مهلو (Aphids) حملو ڪري ٿو، جنهن جو اثر پيداوار تي ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو